منڊي بهاءُ الدين – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته عدم اعتماد منٿن ۽ سازشن سان ناهي ايندو، مخالف ڌر ۾ اها سگهه نه آهي، اهي عدم اعتماد نه ٿا آڻي سگهن، شهباز شريف، بلاول ۽ فضل الرحم??ن جي ڪا سياسي حي??يت نه آهي، پاڪست??ن جي عوام انهن کي چڱي ريت ڄاڻي ٿي، ملڪ انهن جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، مخالف ڌر مدرسي جي ٻارن جي زور تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ علائقائي پارٽيون بڻجي رهجي ويون آهن، پي ڊي ايم کي لانگ مارچ جي لاءِ ڪنٽينر ڪرائي تي ڏئي سگهجي ٿو، نواز شريف ۽ مريم صفدر سزا يافته ڏوهاري آهن، مقصود چپڙاسي ڪيس به جلد شروع ٿيندو، اس??ن جي خواهش آهي ته اهي ڪيسز ماڻهن کي سڌوسنئون ڏيکاريا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته وزيراعظم عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۾ تاريخي عوامي جلسي ک?? خطاب ڪندو. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۽ جهلم ??ي لاءِ تاريخي ترقياتي پئڪيجز ڏنا، اڄ انهن علائقن ۾ رستن ۽ يونيورسٽي جي تعمير سان ترقي جو هڪ نئون سفر شروع آهي. سرائي عالمگير کان منڊي بهاءُ الدين ۽ للا ک??ن جهلم ٻن ڦاڪن واري رستي سان علائقي ۾ مواصلاتي رابطن کي فروغ ملندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اسان هيلٿ ڪارڊ پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وچولي طبقي جي صحت جا خرچ هاڻي حڪومت پاڻ ادا ڪري رهي آهي. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، جڏهن عمران خان حلف ورتو هو ته ان وقت اسان وٽ 60 ڏينهن جي درآمدات جي لاءِ پئسا نه هئا، اسحاق ڊار اينڊ ڪمپني جي ڪري ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو. اسان معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا، هن سال پاڪست??ن جي معيشت 5.37 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي آهي، پاڪست??ن جي انڊسٽري ۽ زرعي شعبو پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن، ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪڻڪ، مڪئي، ڪمند ۽ چانور جي بمپر پيداوار ٿي، پاڪست??ن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به زرعي شعبي ک?? ايتري سپورٽ نه ملي جيتري وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ آبادگارن کي ڏني آهي. هن چي?? ته 1100 ارب رپيا اضافي زرعي معيشت ۾ منتقل ٿيا، تعميراتي شعبي ۾ هزار ارب رپين جي سيڙپڪاري ٿي، اڄ آبادگار، مزدور ۽ مستري خوشحال آهن. هن چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي هئي ته فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت بند هئي، اسان فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي بحال ڪيو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ اڄ نوڪريون وڌيڪ ۽ ورڪرز جو انگ گهٽ آهي، اتي ڪم ڪرڻ لاءِ ورڪرز نه ملي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته هن سال ٽيڪسٽائيل جي مشينري جي درآمد ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته جڏهن ملڪ جون معاشي حالتون صحيح ٿين ٿيون ته مختلف سياسي چوها نڪري گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا، شهباز شريف، بلاول ۽ فضل الرحم??ن جي ڪا سياسي حي??يت نه آهي، پاڪست??ن جي عوام انهن کي چڱي ريت ڄاڻي ٿي. هن چي?? ته ملڪ ۾ جيڪڏهن مهانگائي آهي ته ??ن جو مطلب اهو نه آهي ته ملڪ انهن ماڻهن جي حوالي ڪيو وڃي جن جي ڪري ملڪ معاشي مسئلن جو شڪار ٿيو. هن چي?? ته اڄ پاڪستان استحڪام طرف گامزن آهي، پاڪست??ن جي عالمي سطح تي درجابندي ۾ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان تازو ئي چي?? جو ڪامياب دورو ڪيو، 23 سالن کانپوءِ ڪو وزيراعظم روس جي دوري تي وڃي رهيو آهي. هن چي?? ته جڏهن به پاڪست??ن جي پرڏيهي پاليسي ۾ استحڪام اچڻ شروع ٿئي ٿو ته هتي ڪجهه ماڻهو ويهي عدم استحڪام جون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏين ٿا، مخالف ڌر هر ٻن مهينن کانپوءِ عدم اعتماد جي رٿ جهڙا بي??ن جاري ڪري ڇڏي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چي?? ته چوڌري ڀائرن جو سياسي ڊيرو آهي، اتي ماڻهن جو اچڻ وڃڻ لڳل رهي ٿو، مخالف ڌر کي پي ايم ايل ڪيو کان ان کان وڌيڪ ڪجهه نه ملندو. هڪ سوال تي هن چي?? ته ڪيبل آپريٽرز تي ڪنهن چي??ل کي هلائڻ جي لاءِ دٻاءُ نه ٿو وجهي سگهجي، ڪنهن صحافي ک?? بيروزگار نه ڪيو ويندو، صحافين جي روزگار کي تحفظ فراهم ڪنداسين. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پيپلزپارٽي ک?? خبر آهي ته اها پاڻ ته 15 ماڻهو به نه ٿي ڪڍي سگهي، تنهن ڪري اها مدرسي جي ٻارن جي زور تي پنهنجي سياست ڪرڻ چاهي ٿي. بدقسمتي سان زرداري پيپلزپارٽي جو قد ننڍو ڪري ڇڏيو آهي. مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عدم اعتماد تڏهن ايندو آهي جڏهن توه??ن جي چي??هه ۾ سُور نه هجي ۽ توهان پنهنجي پيرن تي بيٺل هجو، منٿن ۽ سازشن سان عدم اعتماد ناهي ايندو. هن چي?? ته مخالف ڌر ۾ سگهه نه آهي، اهي عدم اعتماد نه ٿا آڻي سگهن. پي ڊي ايم جي لانگ مارچ جي حوالي سان هن چي?? ته پي ڊي ايم کي لانگ مارچ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اس??ن جو هڪ ڪنٽينر خالي پيل آهي، پي ڊي ايم کي ڪرائي تي ڏئي سگهجي ٿو. بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو وڏو سبب نواز شريف ۽ شهباز شريف جا لڳايل اهي پلانٽس آهن جن کان اسان بجلي خريد ڪريون يا نه ڪريون، انهن جي ادائيگي اسان کي ڪرڻي هوندي آهي. اڄ ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو ذميوار نواز شريف آهي. اهي عالمي سطح تي اهڙا معاهدا ڪري ويا آهن جن جي ڪري اڄ بجلي جون قيمتون وڌي رهيون آهن.