ڪراچي- 09 جون ( اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين 49 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. عامر لياقت حسين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي معائني کان پوءَ ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عامر لياقت کي جڏهن اسپتال آندو ويو ته هو فوت ٿي چڪو هو موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ل??ءِ فوتي جي ل??ش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ عامر ليا??ت جي ڊرائيور جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي اباڻي گهر خداداد ڪالوني ۾ هو ان جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو پر ڪو به جواب نه مليو جنهن بعد دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ته هو بيهوشي جي حالت ۾ بستري تي پيو هو جنهن بعد فورن کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ، عامر ليا??ت جي ملازم جاويد جو چوڻ آهي ته گذريل رات عامر لياقت سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي اسان کيس اسپتال هلڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ صبح جو سندس ڪمري مان رڙ جو آ??از به آيو هو. ڊاڪٽر عامر ليا??ت جي موت جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ايسٽ رحيم شيرازي عامر ليا??ت جي گهر پهچي گهر جو معائنو ڪيو جڏهن ته فرانزڪ عملي سميت ٻين تحقيقاتي ادارن به گهر جو معائنو ڪيو آ??ي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ معاملو ڪليئر ٿي ويندو ۽ موت جو ڪارڻ سامهون اچي ويندو.