اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪ??ي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين جي ڏس ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي وقت سر دوري کي ساراهيو. هن حڪومت جي جاري ردعمل جي پڄاڻي جي لاءِ گڏ??ل قومن جي ”فليش اپيل“ جي ذريعي پاڪستاني عوام جي لاءِ عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور ڪردار تي ان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته شديد برساتن پاڪستان جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفت کي جنم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو ٽيون حصو ٻڏي ويو ۽ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان اهم انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن کي پڻ زبردست نقصان پهتو آهي. پرڏيهي وزير ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران کن??ل قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته چئلينج پاڪستان جي وسيلن ۽ صلاحيتن کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته عالمي برادري پاران پاڪستان جي مدد هن موسمياتي تباهي جو موثر طريقي سان جواب ڏيڻ ۽ پائيدار طريقي سان بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏ??ل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. هن چيو ته اهو نه رڳو عالمي برادري جي سخاوت ۽ يڪجهتي جو معاملو آهي پر انصاف جو معاملو آهي. سيڪريٽري جنرل عالمي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پاڪستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن جي لا??ِ مالياتي گنجائش وڌائڻ جي لا??ِ م??تل?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستاني قيادت سان پنهنجي ملاقاتن کانسواءِ سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو پڻ دورو ڪندو، هو متاثر علائقن ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ملاقات ۽ امدادي سرگرمين جو مشاهدو ڪندو.