اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي ??ينڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائ??ن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير ??ي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ ??ي سهڪار جي منظوري ڏيندي. ا??ا ڳالهه ايشيائي ترقياتي ??ينڪ جي مرڪزي ۽ اولهه ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل يوجين زوڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان ??ي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بينڪ اڳ ۾ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالر جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائ??ن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالر جو پيڪيج پڻ ڏنو پيو وڃي جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي ??ينڪ پاڪستان ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقن تي ??وراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ڏکيائين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪاروائي ڪري رهي آهي.