ڪراچي- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران وزيراعظم ميان محمد شھباز شريف جي ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ في خاند??ن 25 ھزار روپين جي مالي سھائتا جو اعلان ڪيو ويو جنهن تحت ھيل تائين 26 لک 3 هزار ٻوڏ متاثرن ۾ في خاند??ن 25 ھزار روپين جي حساب سان سڄي ملڪ اندر متاثر خاندانن ۾ 65 ارب رپين کان وڌيڪ امدادي ر??م ورهائجي چڪي آهي. بي آءِ ايس پي پاران ٻوڏ متاثر خاندانن کي في خاند??ن 25 هزار رپين جي مالي مدد ڏني وئي آهي اها رقم ٻوڏ متاثرن ۾ وزيراعظم ميان شھباز شريف جي پاڪستان جي فلڊ رليف ڪيش امداد تحت ورهائي پئي وڃي. سنڌ ۾ 18 لک خاندانن ۾ 45 ارب رپيا ورهايا ويا آهن.بلوچستان جي 2 لک کان وڌيڪ متاثر خاندانن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امدادي رقم ڏني وئي آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي 3لک متاثر خاندانن ک?? 7 ارب 40 لک رپيا ادا ڪيا ويا آهن ۽پنجاب ۾ 3 لک 20 هزار خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ ر??م ورهائي وئي آهي. گلگت بلتستان جي 442 ٻوڏ متاثر خاندانن کي 1 ڪروڙ 10 لک رپيا امداد فراهم ڪئي وئي آهي.بينظير انڪم سپورٽ پروگرام امدادي رقم جي فنڊز جي ورهاست ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي رهيو آهي.