اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيلي ميل ڏيڍ سال بهانا بڻائي ڪيس کي دير جو شڪار ڪيو، اسان پنهنجي ڪيس کي بيان ڪرڻ جو ڪيس (ميننگ هيئرنگ) کٽي چڪا آهيون، انهن درخواستن تي ڪيس جي لاڳت ادا ڪئي پئي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته ڊيلي ميل جي شهباز شريف تي هنيل الزامن جي ٻڌڻ?? جي لاءِ جج ايندڙ مهيني 13 ڊسمبر جي تا??يخ مقرر ڪئي آهي، انهن الزامن تي تفصيلي جواب 13 ڊسمبر 2022ع تا??ين جمع ڪرائڻو آهي. شهباز شريف پاران ڪيس ۾ مختصر جواب اڳ ۾ ئي جمع ڪرايو ويو آهي. هتڪ عزت جي ڪيس جو ٽرائل ڊسمبر 2023ع ۾ ٿيندو. ڊيلي ميل عدالت ۾ پنهنجي الزامن کي اڃا تا??ين ثابت ناهي ڪري سگهيو، هاڻي ان کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.