اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 8 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس سانحي کي ناهيون وساري سگهيا، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، معصوم ٻارن تي حملو ڪري انهن کي شهيد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪير به پنهنجي ڳوڙها روڪي نه ٿو سگهي. اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي اٺين ورسيءَ جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي جي شهيدن پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊ??مبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان دهشتگردي کي شڪست ??يڻ جي لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون. هن دعا ڪئي ته الله ??عاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.