جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن جنيوا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم اڄ سومر ڏينهن گڏيل قومن جي س??ڪر??ٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان گڏجي پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. و??ير??عظم ان ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪندو. پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪندو ۽ ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏيندو. ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطحي افتتاحي اجلاس کانپوءِ باضابطا نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جو دستاويز پيش ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ڪيا ويندا. بعد ۾ و??ير??عظم ۽ گڏيل قومن جو س??ڪر??ٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندا. و??ير??عظم ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ وفدن جي سربراهن ۽ اعليٰ سطحي عملدارن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. و??ير??عظم سوئيٽرزرلينڊ جي فيڊرل ڪو??سل?? اگنازيوڪيسس ۽ اسلامڪ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ و??ير??عظم ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف، برطانيا جي ڊيولپمينٽ واري مملڪتي وزير اينڊرو مچل، چائنا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين لوزائو هوئي، يو ايس ايڊ جي ڊپٽي ايدمنسٽريٽر ايزابيل ڪولمين، ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا جي نائب صدر مارٽن ريئزر سان پڻ ملاقات ڪندو.