اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل 15 ۽ 16 فيبروري تي ??اڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب رافيل ماريانوگروسي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي 15 کان 16 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. ڊي جي آءِ اي اي اي پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو ۽ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو جن ۾ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبي جا ادارا شامل آهن. بيان ??وجب هي دورو پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعم??ل جي شعبي ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان 1957ع کان ايجنسي جو باني ميمبر آهي ۽ آءِ اي اي اي سان ??راڻو ۽ گڏيل طور تي ??ائديمند تعاون ڪري رهيو آهي.