اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سينيگال سان واپار، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفادن جي لاءِ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيگال ۾ پاڪستان جي نامزد سفير صائمه سيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سينيگال کي اولهندي آفريقي خطي ?? هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو جنهن سان ٻطرفي واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪيون وڃن. هن نامزد سفير تي زور ڏنو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وزارتي سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا جي انتظامن لاءِ ڪم ڪري. صدر ڪيترن ئي سالن کان ڊاڪار ۾ ٿيندڙ واپاري ميلن (ڊاڪار انٽرنيشنل ٽريڊ فيئر) ۾ پاڪستاني واپارين جي شرڪت تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي نمائشن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن نامزد سفير کي چيو ته هو ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن سان گ??جي وڌيڪ واپاري نمائشن جو اهتمام ڪري. صدر پاڪستان ۽ سينيگال جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ه?? وقت 8000 غيرملڪي شاگرد ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي مختلف پروگرامن ۾ تعليم هيٺ آهن ۽ سينيگال جا شاگرد به ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر نامزد سفير کي اهو به چيو ته هو ڀارت جي اقليت مخالف ۽ مسلم دشمن پاليسين سان گ??وگڏ 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف جاري دهشتگردي کي پڻ اجاگر ڪري.