اسلام آ??اد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آف??س موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اٽامڪ انرجي کي صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي شعبن ۾ استعمال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڊي جي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي پ??ڪستان جي نيوڪليئر صلاحيتن کي ساراهيو. ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانوگروسي پ??ڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آ??اد ۾ آهي.