دوحه-05 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع معا??لن ۽ ٻنهي م??ڪن وچ ۾ معاشي، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ اڳ کان موجود رابطن ۽ بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري واپاري ۽ پاڪستان مان هنرمند ماڻهن کي قطر گهرائڻ جي طريقن ۽ ذريعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه پهچڻ کانپوءِ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ش??باز شريف گڏيل قومن جي انتظام هيٺ گهٽ ترقي ڪندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قطر پهتو آهي. قطر جي امير جي دعوت تي وزيراعظم هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع تر معا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ پهرين کان موجود بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، قطر جي امير جي ترقي ۾ پاڪستاني پورهيتن جي ڪوششن کي ساراهيو خاص طور تي قطر جي م??زباني ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع ??ي ڪاميابي م??قعي تي پاڪستاني سيڪيورٽي عملدارن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. ملاقات ۾ وزيراعظم ش??باز شريف پاڪستان جي ترقي جي م??صوبن ۾ قطر جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي ٻنهي م??ڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري، واپاري ۽ پاڪستان کان هنرمند ماڻهن جي قطر موڪلڻ جي طريقن ۽ ذريعن کي وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون، قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر اچڻ تي ڀليڪار چيو، هن پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي تعاون وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ترقي جي ايجنڊا ۾ قطر طرفان ڀرپور تعاون جي پختي عزم ۽ حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.