اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري موريطانيا ۾ او آءِ سي پ??ڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي 49 هين اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گ??وپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي سيڪري??ري جنرل جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سعودي عرب، ترڪيءَ، نائجر، آذربائيجان ۽ ڪشميرين جي حقيقي نمائندي ۽ او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آئي پي ايڇ آر سي) شرڪت ڪئي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان موجب پ??ڏي??ي وزير رابطا گ??وپ کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن وضاحت ڪئي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان جي نتيجي ۾ والاريل علائقي ۾ آبادياتي تبديلين جي ڪوششن سان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال بگڙجي وئي آهي. هن چيو ته غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل جاري ڪري ۽ اهڙا قانون ٺاهي جيڪي غيررهواسين کي ڀارتي غيرقانوني والاريل خطي ۾ زمين خريد ڪرڻ ۽ رکڻ جي اجازت ڏين ٿا، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پ??ڏي??ي وزير چيو ته اهي قدم عالمي قانون خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي جيڪي قابض طاقت کي اهڙا قدم کڻڻ کان روڪي ٿو. رابطا گ??وپ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي موقف جي توثيق ڪئي وئي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي سختي سان رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. پڌرنامي ۾ او آءِ سي جي سيڪري??ري جنرل ۽ ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته عالمي فورمز تي ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ آواز اٿارين ۽ ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڀارت کي جوابده قرار ڏين. رابطا گ??وپ ڀارت کان ان جي غيرقانوني طور تي والاريل خطي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ قدم کڻڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.