اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سعيد احمد شيخ جي نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين جي ع??دي تي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر سعيد احمد شيخ کي وقتي طور تي نيشنل پريس ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آه??. س??يد احمد شيخ نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين ج?? باقاعده طور تي مقرري تائين خدمتون سرانجام ڏيندو. صدر اڳوڻي چيئرمين منير احمد خان کي نااهلي ۽ عوامي فنڊز ۾ بي ضابطگين تي ع??دي تان هٽائڻ جي پڻ منظوري ڏ??ي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين جي ع??دي لاءِ ايم پي ون اسڪيل جي پڻ منظوري ڏ??ي. صدر اهي منظوريون نيشنل پريس ٽرسٽ (چيئرمين جي مقرري) ايڪٽ 1972ع تحت ڏني آهي.