ثمرقند – 13– ??پريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سان مملڪتي وزير جي ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهمي?? تي اتفاق ڪيو. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ غذائي تحفظ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي اهمي?? تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پرامن، مستحڪم، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهي مشاورت جي اهمي?? تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين شنگهائي تعاون تنظيم تحت مختلف اقتصادي قدمن تي اڳ??را??ي جو پڻ جائزو ورتو.