اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ميمبرن چيو آهي ته اسان جو آئين عدل ۽ انصاف جي ضمانت ڏي ٿو، آئين کان مٿانهين قانونن آئين کي داغدار ڪيو. قومي ا??يمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان عالمي پارليام??ني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي قومي ا??يمبلي جي ميمبر خالد مقبول صديقي چيو ته عالمي امن کي هن وقت پاڪستان مان نه پر هندستان مان خطرو آهي، اسان کي هندستان کان وڌيڪ پاڪستان جي طرف ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته آ??ين پاڪستان جا 50 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، 50 سال اسان 50 کان گهٽ ترميمون ڪيون آهن، اهي ترميمون قومي مفادن تحت ڪيون ويون. قومي ا??يمبلي ميمبر محسن شاهنواز رانجها چيو ته آ??ين پاڪستان سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙن کي حق فراهم ڪري ٿو، آئين ۾ مستقبل جي سمورن چئلينجن جو احاطو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پارليام??ني مباحثن سان آئين کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. قومي ا??يمبلي جي ميمبر سيد نفيسه شاهه چيو ته پاڪستان کي عدالتي، سياسي، معاشي ۽ امن امان جا بحران درپيش آهن، پارليامينٽ عدالتي تجويزن خلاف بيٺل آهي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته آ??ين جي آرٽيڪل 245 تي عمل ٿيو، ٻن صوبن ۾ فوج گهرائي وئي. قومي ا??يمبلي جي اڳوڻي ميمبر آسيه ناصر چيو ته بنيادي حق آئين جي عين موجب آهن. پاڪستان جي آئين ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ويون آهن، آئين جي سامهون سمورا مرد ۽ عورتون برابر آهن، مذهب جي آزادي به بنيادي انس??ني حق آهي.