اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت ??ي ?? 20 جي سربراهه جي حيثيت ??ان پنهنجي پوزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي، پاڪستان ڪشمير مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿو، ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل لازمي آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفرآباد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي ا??ان جو اهو پيغام آهي ته منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن ??ان گڏ آهيون، تاريخ گواهه آهي ته ڀارت ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته ڪشميري عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندي. هن چيو ته ڀارت پاڻ سلامتي ڪائونسل جي ق??ار??ادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ڀارت پاران والاريل علائقي ۾ ??ي ?? 20 اجلاس منعقد ڪرڻ جو مقصد دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول موجب آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ڊپٽي اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي چيو ته پهريون پرڏيهي وزير آهيان جنهن کي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. هن ڪشميري عوام ??ان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي ا??ان جو پيغام آهي ته ا??ان خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ انهن ??ان گڏ آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قانوني قدم کي رد ڪريون ٿا، ڀارتي قدم عالمي قانونن جي خلاف آهي، ڀارت والاريل علائقي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ق??ار??ادن جون کليل خلاف ورزيون ڪيون آهن، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو هو ته ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت کي سلامتي ڪائونسل جي ق??ار??ادن تي عمل ڪرڻو پوندو، ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن ??ان گڏ آهيون. هن چيو ته ڀارت ??ي ?? 20 جي سربراهي ??ان پنهنجي پوزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، ڀارت ڪشميرين کي ريفرنڊم جو حق ڏي، ا??ان جو اهو مطالبو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير مان پنهنجي فوج واپس گهرائي. پرڏيهي وزير خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين ??ان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.