اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واق??ن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ عمران نيازي جي نئين چال جي پٺيان بُرن ارادن بابت ڪير غلطي نه ڪري، هڪ ڀيرو ٻيهر هو 9 مئي جي افسوسناڪ واق??ن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ”حقن جي خ??اف ورزي“ جا گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي. هن چيو ته مون کي ان جي حرڪتن تي ڪو تعجب نه آهي. هن چيو ته جيڪو شخص مسلسل رياستي ادارن جي خ??اف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪ??ي، ماڻهن کي تشدد تي اتساهي، رياستي علامتن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪري ۽ شهيدن جي يادگارن کي ڪيرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي غلط معلومات پکي??ين??ڙن جي صدارت ڪئي جن ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ جعلي خبرن جو طريقيڪار اختيار ڪيو، ان بابت سڀ ڪجهه نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ آهي.