اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پاڻي وسيلن واري ڊويزن جي هائيڊل منصوبن جي 13 جاري اسڪيمن تي 80 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويندا. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ ورسڪ هائيڊر?? اليڪٽرڪ پاور اس??يشن جي لاءِ 2 ارب 58 ڪروڙ 60 لک رپيا، تربيلا فائيو توسيع پن بجلي منصوبي جي لاءِ 4 ارب 44 ڪروڙ 94 لک رپيا، تربيلا فور توسيع منصوبي جي لاءِ 59 ڪروڙ ر??يا، نيلم جهلم پن بجلي منصوبي جي لاءِ 4 ارب 82 ڪروڙ 80 لک رپيا، منگلا پاور اس??يشن جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 4 ارب 21 ڪروڙ ر??يا ۽ داسو پن بجلي منصوبي جي لاءِ 58 ارب 59 ڪروڙ 70 لک رپيا رکيا ويا آهن.