اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته سا??ونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ??ن سا?? واڳ??ل خطرا اڃا تائين برقرار آهن، ان حوالي سا?? ڪنهن به قسم جي افراتفري کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي ان بابت لڳاتار آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، خطري جي لپيٽ وارن علائقن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ رليف ڪيمپن سميت ضروري قدم شروع ڪيا ويا آهن. اهڙو اظهار هن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سا?? گڏ پري?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سا??ونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي شدت گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته ??ن سا?? واڳ??ل خطرا بدستور برقرار آهن. هن چيو ته ??وفان غير متوقع طور رفتار ۽ رخ تبديل ڪري سگهي ٿو، ڀارت جي سمنڊ سا?? گڏوگڏ ان جو رخ پاڪستان جي سا??ونڊي علائقن ڏانهن به آهي، اسان کي افراتفري کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ??ائپر جواءِ انتهائي شديد طوفان تبديل ٿي ويو آهي جنهن جي سطح تي هوا جي رفتار 140 کان 150 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته ??ن جي مرڪز ۾ 170 ڪلوميٽرن جي رفتار آهي. طوفان ڪراچي کان 440 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 430 ڪلوميٽر ۽ اورماڙه کان 555 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. هن چيو ته سا??ونڊي طوفان اڄ 14 جون جي صبح تائين اتر جي رخ ۾ جڏهن ته ??عد ۾ اوڀر طرف رخ تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي. 15 جون تي منجهند جو انتهائي شديد طوفان جي صورت ۾ سنڌ جي ڏاکڻي اوڀرندي علائقي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي سمنڊ جي وچين علائقن ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. سا??ونڊي طوفان سبب ٺٽي، بدين، سجاول، ڪراچي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان جا علائقا متاثر ٿيندا جتي تيز هوا سا?? گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. شيري رحمان چيو ته ??وفان جي صورتحال کي لڳاتار مانيٽر ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ هر 3 ڪلاڪن بعد رابطا اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ مقامي علائقائي ۽ عالمي تناظر ۾ صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ??وفان جي اثر وارن علائقن ۾ ڪمزور بنيادي ڍانچي، بل بورڊن، ڪچين ڇتن ۽ سولر پينلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته ??نڌ حڪومت خطري جو امڪاني طور شڪار ٿيندڙ علائقن مان عوام کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ قدم شروع ڪيا ويا اهن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته کليل سمنڊ بابت به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ملاحن کي ان حوالي سا?? احتياطي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن لاءِ الرٽ به جاري ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اين ڊي ايم جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سا??ونڊي طوفان باب?? بريفنگ ڏني ۽ ٻڌاو ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي بنيادن تي سا??ونڊي طوفان بابت لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ خبردار ڪيو هو. طوفان ۾ 5 جون بعد شدت اچڻ شروع ٿي هئي، ۽ ان انتهائي شديد طوفان جي شڪل اختيار ڪئي. هن چيو ته ??وفان سا?? سنڌ جي لاڳاپيل سا??ونڊي علائقن کان علاوه بلوچستان جا ڪجهه علائقا به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن جي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هن مقامي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيمپن بابت تفصيلي طور آگاهه ڪيو.