مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي اسلامي معاملن، دعوت ۽ رهنمائي واري وفاقي وزير ۽ خادم الحرمين الشريفين جي حج مهمانن جي پروگرام جي جنرل سپروائيزر شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف بن عبدالعزيز آل شيخ چيو آه?? ته سعودي حڪومت حا??ين جي سهولت لاءِ جامع قدم کنيا آه??. ڪورونا وبا بعد هلندڙ سال حج جو وڏو اجتماع هوندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزارت جو ڪم 3 اهم معاملن ۾ ٿيندو آه??، پهرين حصي ۾ ميقات ۽ مقدس هنڌن جي اردگرد علائقن سميت هڪ هزار کان وڌيڪ مسجدن جي تعمير ۽ انهن جي مرمت شامل آه??. ٻئي معاملي ۾ حج ۾ اسلامي جاڳرتا لاءِ جنرل سيڪريٽريٽ جي سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ هوندو آه??، جنهن جو مقصد 40 کان وڌيڪ عالمي ٻولين ۾ 32 ملين ت??ليمي خدمتون فراهم ڪرڻ آه??. هن ٽئين اهم پروگرام جو اعلان ڪيو جيڪو حج ۽ عمري وغيره لاءِ خادم الحرمين الشريفين جي پروگرام بابت آه??. هن سال ان پروگرام تحت سڄي دنيا جي 90 کان وڌيڪ ملڪن مان حا??ين جي ميزباني ڪئي ويندي، ان کان علاوه فلسطين رياست جي شهيدن ۽ زخمين جي خاندانن جا هڪ هزار حا??ي به شرڪت ڪندا. هن چيو ته 7200 کان وڌيڪ سعودي اهلڪار حا??ين جي خدمت لاءِ مقرر آه??. وزارت مڪي پاڪ جي ترقي لاءِ رائل ڪميشن جي سهڪار سان مقدس هنڌن جي سمورن مسجدن جي بهتري، سار سنڀال ۽ صفائي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آه??. اهم ذڪر جوڳي ڳالهه اها آه?? ته مڪي پاڪ ۾ 250 ملين ريالن جي لاڳت سان 75 نيون مسجدون ت??مير ڪيون ويون ۽ مڪي پاڪ جي سمورين مسجدن جي سار سنڀال تي 300 ملين ريالن کان وڌيڪ لاڳت آئي آه??. حج جي موسم لاءِ هڪ هزار 300 مبلغن کي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ ذميواري سونپي وئي آه??. مقدس هنڌن تي آءِ پيڊ ذريعي ويڊيو ڪالنگ سروس شروع ڪئي وئي آه?? ۽ 200 لائينن ذريعي حا??ين جي ڪال وصول ڪرڻ لاءِ هڪ مفت فون سروس پڻ قائم ڪئي وئي آه??. ان کان علاوه وزارت قرآني آيتن جو 76 کان وڌيڪ عالمي ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو آه??. هڪ اليڪٽرانڪ لائيبريري سروس متعارف ڪرائي وئي آه??. هن چيو ته خادم الحرمين الشريفين 1417ع ۾ شروع ٿيڻ بعد سڄي دنيا جي 140 ملڪن مان وڏي انگ ۾ حا??ين جي ميزباني ڪئي آه??.