منيٰ-30 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سين??ٽر طلحه محمود م??لم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪري انتظامن جي حوالي سان حج پانڌيئڙن جي خدشن کان آگاهه ڪيو. رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين معاملن تي لاڳاپيل م??لم سامهون خدشا رکيا. حج پانڌيئ??ن کي منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه ۾ پيش مسئلن جي معاملي تي وفاقي وزير طلحه محمود سيڪريٽري مذهبي معاملا، سعوديه ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ ڊي جي حج سان گڏ حجاج ڪرام سان ملاقاتون ڪيون. وفاقي وزير حجاج ڪرام جي مسئلن کي ٻُڌي م??لم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪيو. طلحه محمود حجاج ڪرام سان گڏ م??لم کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. م??لم ۽ حجاج سان گڏ مختلف ڪيمپس جو دؤرو ڪيو. وفاقي وزير رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين معاملن سميت م??لم آڏو خدشا رکيا. طلحه محمود چيو ته پاڪستاني ع??ت ۽ محبت وارا ماڻهو آهن. منيٰ ۾ پاڪستانين جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويو. پاڪستاني حج پانڏيئ??ن کي منيٰ ۾ رهائش، کاڌي بابت شديد خدشا آهن. مان پاڪستانين جو نمائندو آهيان، پاڪستان جي حج پانڌيئ??ن کي درپيش مشڪلاتن سان شديد ڏُک ٿيو آهي. طلحه محمود م??لم کي هدايت ڪئي ته هو پاڪستاني حج پانڌيئ??ن کي منيٰ ۾ رهائش فراهم نه ڪئي هئي انهن جا پئسا واپس ڪيا وڃن.