اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا ??اڪ??ت??ن جو وڏو واپاري حصيدار آهي، اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??مريڪي سفارتخاني ۾ آمريڪا جي 247 هين قومي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ ??ن جي عوام کي قومي ڏينهن ??ي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آمريڪا برابري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ آمريڪا جي 75 سالن وارن دوستاڻن لاڳاپن ۾ لاها چاڙها رهيا آهن پر هاڻي آمريڪا سان اس??ن جا تمام سٺا لاڳاپا آهن. آمريڪا اس??ن جو وڏو واپاري حصيدار آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ??اڪ??تان ۽ آمريڪا گڏجي ڪم ڪيو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 80 هزار ??اڪ??تانين پنهنجي جانين جي قرباني ڏني. وڏي پئماني تي مالي نقصان ٿيو پر ??ن جي باوجود دهشتگردي جي خلاف اس??ن جو عزم پختو آهي. هن چيو ته اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، ??اڪ??ت??ن جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن ??ي صلاحيتن مان انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته گذريل سال ??اڪ??تان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي جنهن ??ان لکين ماڻهو متاثر ٿيا. ان مشڪل وقت تي آمريڪا اس??ن جي وڏي مدد ڪئي. هن چيو ته ويجهي ماضي ۾ غلط فهمين جي ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپا متاثر ٿيا پر موجوده حڪومت جي سنجيده ڪوششن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بحال ڪيو ويو. هن يقين ڏياريو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين ۽ انهن لاڳاپن کي بلندين تائين وٺي وينداسين. هن ??ميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا جو اعليٰ سطحي وفد جلد ??اڪ??ت??ن جو دورو ڪندو جنهن ??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ??اڪ??تان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته ??اڪ??تان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان ??اڪ??تان سان واپار سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.