اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپيئن حمزه خان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ سرمايو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپئن حمزه خان سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ حمزه خان جو والد نياز الله خان ۽ ان جي والده کانسواءِ بين الصوبائي رابطن وارو وزير احسان الله مزاري، خصوصي معاون شزه فاطمه خواجه، بين الصوبائي رابطن وارو سيڪريٽري حنيف اورڪزئي ۽ سينيئر وائيس پريزي??نٽ اسڪوائش فيڊريشن اي??ر وائيس مارشل ڪاظم حماد به موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف حمزه خان کي حڪومت پاران حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپ??ن جو انعامي چيڪ به ڏنو. حمزه خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم حمزه خان جي والدين سان پشتو ۾ ڳالهه ٻولهه به ڪئي. حمزه خان وزيراعظم کي حمزه جي حوصلا افزائي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم حمزه خان کي تازو ئي آسٽريليا ۾ عالمي جونيئر چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته توهان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ قومي سرمايو آهن. پاڪستان کي ڏهاڪن کانپوءِ اسڪوائش جو اي??رو وڏو ٽائيٽل کٽڻ تي مون سميت سڄي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿيو. اسڪوائش هڪ بهترين راند آهي، ماضي ۾ به اسڪوائش کيڏندو رهيو آهيان، اميد آهي ته توهان جلد ئي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اسڪوائش جو سينيئر عالمي ٽائيٽل به کٽيندا. وزيراعظم چيو ته توهان پاڪستان جي ٻين نوجوانن ۽ رانديگرن جي لاءِ رول ماڊل آهيو، منهنجي سدائين اها خواهش رهي آهي ته نوجوانن کي راند??ن جي عالمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، تازو ئي اسان سڄي پاڪستان ۾ راندين کي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي لاءِ قومي اسپورٽس قدم جاري ڪيا. پاڪستان ۾ پهرين اسپورٽس ي??نيورسٽي جو قيام ۽ هن ملڪ جي لکين باصلاحيت نوجوانن کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ مالي ۽ فني سهولتون به ان پروگرام جو حصو آهن.