اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلين?? قائم ڪيون وينديون، ان جي ??اءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي ??اءِ انتهائي اطمينان جو ڏينهن هو. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر (پي ڪي ايل آئي) جنهن جو تصور 2015ع ۾ پاڪستان جي جان هاپڪنز (آمريڪي اداري) طور ڪيو ويو هو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو. مون پي ڪي ايل آئي يونيورسٽي جي ??يڙهه جو پٿر رکيو ته جيئن پي ڪي ايل آئي جي ??دد سان علم جي تخليق، تحقيق جي ??رڪز طور تي ڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ هڪ جامع ملڪ گير پروگرام پڻ گذريل ڏينهن ٻيهر شروع ڪيو ويو جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلين?? قائم ڪيون وينديون جنهن جي ??اءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو آهي، اها رقم غريبن جي ??فت علاج جي ??اءِ فراهم ڪئي ويندي. هن ڊاڪٽر سعيد اختر، ڊاڪٽر فيصل ڊار ?? پي ڪي ايل آئي جي ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ عملي سان گڏوگڏ حڪومتي عهديدارن کي انهن جي عظيم قومي خدمتن تي ساراهيو. هن چيو ته اسان گڏجي ??ي ڪي ايل آئي کي قوم جو فخر بڻائينداسين.