اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??اڪ??تان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي، ??اڪ??تان چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ جيڪو نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڏنو هو، هن چيو ته ??اڪ??تان يوڪرين سان روس جي جنگ تي ”غيرجانبدار“ آهي ۽ چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار طور ڏسي ٿو. هن چيو ته اها سرد جنگ نه آهي، هتي ڪو ”آئرن ڪرٽن“ نه آه??، اهو ايترو مبهم نه آهي، هر ڪو ڏسي رهيو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان هڪ اهڙي راهه تي گامزن آهي جنهن جي چونڊ اولهه، روس ۽ چين جي وچ ۾ چٽاڀيٽي کان بچڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان آ??ري??ا ۽ چين جي وڌندڙ دشمني ۾ ڪنهن به ڪئمپ جو حصو بڻجڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي. هن چيو ته سوويت يونين جي خلاف ۽ نائين اليون کانپوءِ ٻيهر اولهه جو ساٿ ڏئي ??اڪ??تان وڏي قيمت ادا ڪئي. هن چيو ته گذريل 30 سالن ۾ ??اڪ??تان سان اولهه غيرمنصفاڻو سلوڪ ڪيو آهي، هر قوم پنهنجي لاءِ… اسان کي ان مقابلي جو فڪر ڇو ڪرڻ گهرجي؟ اهو ٻن عظيم طاقتن، ٻن عظيم تهذيبن ۽ 150 کان وڌيڪ ملڪن جي اثرن جي وچ ۾ آهي ۽ ??اڪ??تان انهن ملڪن مان رڳو هڪ آهي، يوڪرين بابت ??اڪ??تان جي ”غيرجانبدار“ موقف جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو بحران چئلينجز پيدا ڪري رهيو آهي ۽ گڏ ئ?? اهو خطي ۾ موقعا پڻ پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اسان ان کي ٻنهي طريقن سان ڏسي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم ??اڪ??تان پاران يوڪرين ۾ جنگي سامان منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا رپورٽ ۾ الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به قسم جو وڪرو نه ڪيو جيڪو سڌوسنئون يوڪرين يا ڪنهن به ٽئين ڌر جي ذريعي به ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي هجي. ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتاري جي حوالي سان نگران وزيراعظم مبينا زيادتين جي ترديد ڪئي ۽ ??اڪ??تان جي قدمن جي ڀيٽ 6 جنوري 2021ع تي آ??ري??ي ڪيپيٽل تي حملو ڪندڙن جي آ??ري??ا ۾ گرفتارين سان ڪئي. هن چيو ته گرفتاريون غيرقانوني ڪاررواين تي ڪيون پيون وڃن، ڪو به اهڙو شخص جيڪو باهه لڳائڻ يا ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث آه??، اهو ان قسم جو طرزعمل نه آهي جنهن کي ڪنهن به لبرل جمهوريت جي ذريعي فروغ ڏنو وڃي ٿو يا ان جي تائيد ٿئي ٿي، ته پوءِ ??اڪ??تان کان اها اميد ڇو ڪئي پئي وڃي ته اسان اهڙي طرح جي رويي کي معاف ڪريون؟.