اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير ??رت??يٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام ت?? ظلم جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل ??هي?? ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي شديد خلاف ورزي ۽ پنهنجي آئين جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيو ??هي?? ڏاڍ وڌڻ باوجود ڪشميرين ۾ آزادي جي تڙپ ۽ جذبو وڌيو ??هي?? د??يا جي ڪا به طاقت ان جذبي کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ت?? ظلم جي تاريخ 177 س??ل پراڻي ??هي?? جڏهن 1876ع ۾ انگريز سامراج اهو خطو 75 لک عيوض ڊوگره راجا گلاب سنگهه کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته اڄ کان 76 سال اڳ ڀارت ڪشمير تي جبري قبضو ڪيو ۽ اهو جبر ۽ ظلم هن وقت تائين جاري آهي. هن چيو ته جيئن جيئن جبر ۽ ظلم وڌيو ڪشميري عوام جو جذبو به ائين ئي وڌيو آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي جبري قبضو ڪري ڀارت نه رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي پر پنهنجي آئين ۽ قانون جي به خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته د??يا ۾ انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم نظر نه ٿو اچي. ??رت??يٰ سولنگي چيو ته اها حقيقت آهي ته جيئن جيئن ظلم وڌندو ائين ئي آزادي جو جذبو به فروغ وٺندو. آزادي جي ان جذبي کي د??يا جي ڪا به طاقت گهٽ نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته آزادي جي تحريڪ کي روڪي نٿو سگهجي، جيڪڏهن د??يا ۾ انصاف نه ٿيندو ته امن نه ٿيندو. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي پرڏيهي وزارت کان شروع ٿي ۽ ڊي چوڪ ۾ پڄاڻي تي پهتي. ريلي ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد پڻ شرڪت ڪئي.