اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف ايئر يونيورسٽي جي در??وا??ت رد ڪندي ڪورونا جي ڪري بي ايس ڊگ??ي جي باقي ڪورسز مڪمل ڪرڻ کان قاصر رهندڙ شاگردياڻين کي پنهنجي ڊگ??ي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي سال ڏيڻ جي معاملي تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر يونيورسٽي پاران شاگردياڻي جي ڪيس تي وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ تي جو ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسي ۽ ي??نيورسٽي قاعدن ۾ توسيع ڏئي اهڙا مسئلا حل ڪرڻ جون شقون موجود آهن. يونيورسٽي وٽ ??يڇ اي سي جي پاليسي ۽ سفارشن کان انحراف ڪرڻ جو ڪو سبب نه آهي. هن چيو ته يونيورسٽي بدانتظامي جي درستگي بدران عوامي خزاني ۽ شاگردياڻي جي وقت جي زيان کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ محتسب جي فيصلي جي خلاف در??وا??ت داخل ڪئي. صدر ايئر يونيورسٽي تي زور ڏنو ته شاگردياڻي جي لگن، محنت ۽ سرمائي کي ضايع نه ٿيڻ ڏنو وڃي ۽ سمورن شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين جي مدد ۽ رهنمائي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايئر يونيورسٽي جي اقراءِ منير نالي شاگردياڻي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته هوءَ ايئر يونيورسٽي سان واڳيل ڪاليج ۾ سائيڪالوجي پروگرام بيچلر آف سائنس (آنرز) جي شاگردياڻي آهي، هن ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي ڪري 2020ع ۾ ڊگ??ي مڪمل نه ڪري سگهي هئي. ڊگ??ي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اضافي سال جي لاءِ يونيورسٽي سان رابطو ڪرڻ تي شاگردياڻي کي ??يڇ اي سي سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو. ??يڇ اي سي مجاز اٿارٽي کي ميڊيڪل هسٽري ۽ ي??نيورسٽي قاعدن کي نظر ۾ رکندي توسيع جي معاملي تي غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود توسيع نه ملڻ تي شاگردياڻي وفاقي محتسب کي در??وا??ت ڏني هئي. وفاقي محتسب ايئر يونيورسٽي کي اقراءَ منير جو ڪيس يونيورسٽي جي فنڪشنل ڪميٽي آڏو نظرثاني جي لاءِ رکڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن جي خلاف يونيورسٽي صدر کي در??وا??ت داخل ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته يونيورسٽي ??يڇ اي سي جي سفارشن تي عمل نه ڪيو ۽ ڪنهن مجاز اٿارٽي آڏو نه رکيو، شاگردياڻي ڪورونا جي ڪري بيمار هئي، ڊگ??ي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي وقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي. صدر چيو ته ??يڇ اي سي پاليسي موجب ڊگ??ي مڪمل ڪرڻ جو مدو 6 سال آهي جيڪو منظوري کانپوءِ هڪ سال تائين وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن شاگردياڻي جو ڪيس وقت تي ڪميٽي آڏو رکيو وڃي ها ته مسئلو حل ٿي سگهيو پئي پر ائين نه ڪيو ويو، يونيورسٽي پنهنجي بدانتظامي ختم ڪرڻ بدران وقت ۽ وسيلن جو زيان ڪيو. صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف ايئر يونيورسٽي جي در??وا??ت رد ڪندي هدايت ڪئي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ??يڇ اي سي جي پاليسي ۽ سفارشن موجب شاگردياڻي کي سهولت ڏني وڃي.