اسلام آباد – 07 – ??ومبر (اي پي پي) ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي جنازي ن??از چڪلالا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي، کيس مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي ن??از ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، دفاع واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آ?? اسٽاف ڪميٽي، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ وڏي انگ ۾ سول ۽ فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهرين ۽ شهيد جي مائٽن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سندس عمر 42 سال هئي ۽ هو ??ي ايڇ اي ٽو اسلام آباد ۾ رهندو هو، هو خيبرپختونخواهه جي علائقي واديءَ تيراهه ۾ شهيد ٿيو. لڪي مروت سان تعلق رکندڙ 31 سالا نائيڪ خوشدل خان، چارسده سان تعلق رکندڙ 27 سالا نائيڪ رفيق خان ۽ مريءَ سان تعلق رکندڙ 33 سالا لانس نائيڪ عبدالقادر جي جنازي ن??از پڻ سندن اباڻي علائقن ۾ ادا ڪئي وئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ مان دهشتگردي جي هر قيمت تي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.