اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ناليوار گلوڪار ۽ زندگي ٽرسٽ جي باني شهزاد را??ِ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر نيشنل ڪريڪولم ڪائونسل (اين سي سي) مريم چغتائي ان ??ان گڏ هئي. وفاقي وزير شهزاد را??ِ جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تعليمي سڌارن لاءِ ان ??ي ڪردار کي خاص طور تي سنڌ جي صوبائي نصاب ۾ چائلڊ پروٽيڪشن جي شموليت تي وفاقي وزير شهزاد را??ِ کي داد ڏني. هن چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ان ??و ت??او?? انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته شهزاد را??ِ جي ڪوششن سان ??نڌ حڪومت سڄي صوبي جي سرڪاري استادن لاءِ زندگي ٽرسٽ جي تيار ڪيل نئين استاد ٽيچر پرفارمنس ايويلو ايشن فارميٽ جي منظوري ڏني، ان ??ان گڏوگڏ قومي اسيمبلي به ان کي تسليم ڪيو، جسماني سزا کي ڏوهه قرار ڏيندي قانون منظور ڪيو. شهزاد را??ِ وفاقي وزير کي زندگي ٽرسٽ جي ت??او?? ۽ مقصد جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ سمورن ٻارن تائين تعليم کي قابل رسائي بڻائڻ لاءِ زندگي ٽرسٽ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ڪوششن جي تسلسل ۾ شهزاد را??ِ مدد علي سنڌيءَ کي اسلام آباد جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ شطرنج، آرٽس خاص طور تي موسيقيءَ تي خصوصي ڪورسز تيار ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ جي تجيوز پيش ڪئي. هن چيو ته زندگي ٽرسٽ بين الاقوامي شطرنج فيڊريشن سان ملي ڪلاس 3 کان 8 جي شاگردن لاءِ هڪ نصاب تيار ڪيو آهي. شهزاد را??ِ چيو ته اهڙي طرح جي ڪورسز کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد ٻارن کي زندگي جي هر شعبي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شطرنج ۽ ٻين آزاداڻين فنن سان ٻارن کي پنهنجي ذهني صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻ ۽ وڌائڻ جي قابل بڻائي ٿو. وفاقي وزير جي هدايت تي اين سي سي زندگي ٽرسٽ سان ملي گريڊ 3 کان گريڊ 8 جي شاگردن کي شطرنج ۽ موسيقي جا ??وز??ر سيکارڻ تي توجهه ڏيندڙ نصاب تيار ڪندو ۽ ان کي گريڊ 9 ۽ 10 جي شاگردن لاءِ تيار ڪندو. هن چيو ته اين سي سي ذريعي اهڙي چونڊ ڪورسز تيار ڪرڻ گهرجي جنهن کي ايف ڊي اي لاڳو ڪري سگهي. هن چيو ته ضروري آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ غير نصابي سرگرمين کي باضابطه طور پڙهايو وڃي ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي.