اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپڊا کي پن بجلي منصوبن جي آمدني م??ن خيب??پخ??ونخواهه حڪومت کي ادا??يگ?? جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادا??يگ??ن کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ، خيب??پخ??ونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان صوبي جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادا??يگ?? جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيب??پخ??ونخواهه ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ جاري آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ان حوالي سان صوبائي انتظاميا، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، واپڊا ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قدمن کي ساراهيو. اجلاس کي پن بجلي جي منصوبن جي آمدني م??ن خيب??پخ??ونخواهه حڪومت کي ادا??يگ?? تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم واپڊا کي هدايت ڪئي ته ان معاملي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادا??يگ??ن کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيب??پخ??ونخواهه کي پن بجلي منصوبن جي حوالي سان سمورين رهتن جي ادا??يگ?? فوري يقيني بڻائي وڃي ۽ خيب??پخ??ونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته سمورن صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي، وفاقي حڪومت خيب??پخ??ونخواهه سميت سمورن صوبن جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي ملڪ خاص طور تي خيب??پخ??ونخواهه ۾ جاري پن بجلي جي منصوبن ۽ پاڻي ذخيرن جي تعمير تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن ۽ پن بجلي جي منصوبن جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي وڃي. پاڪستان کي الله رب العزت پاڻي جي وسيع وسيلن سان نوازيو آهي جن جو استعمال بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بهتر آبپاشي ۽ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ٺاهڻ جي لاءِ جاري منصوبن تي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي خيب??پخ??ونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي س??ن خيب??پخ??ونخواهه جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادا??يگ?? جي لاءِ پڻ هدايت ڪئي شهداءِ ويلفيئر فنڊ کي فوري طور تي شهيدن جي گهرڀاتين تائين پهچايو وڃي، شهيدن ملڪ جي بقاءَ ۽ دفاع جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن جا خاندان هن قوم جا محسن آهن، انهن جي ڀلائي لاءِ مخصوص رقم جي ادا??يگ?? ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ خيب??پخ??ونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، قبائلي علائقن جي معاملن واري وزير عامر عبدالله، واپڊا ??يئ??مين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.