اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرحدي خلاف ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??هي جڏهن ته ايران مان پنهنجي سفير کي به واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آ??ي. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل رات ايران پاران پاڪستان جي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ کليل خلاف ورزي عالمي قانون ?? گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول ??هي ۽ ان جو ڪو جواز نه آ??ي. ??اڪستان ان غيرقانوني قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو هوندي. هن چيو ته اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اسان انهن کي اهو به ٻُڌايو ??هي ته پاڪستان ايران مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ??هي ۽ پاڪستان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت ايران جي دوري تي ??هي ان کي چيو ويو ??هي ته هو في الحال واپس نه اچي. اسان انهن سمورن اعليٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??هي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح رهي ته ايران پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فضائي حدن جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ??يا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون زخمي ٿيون آهن.