اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪم??شن آف پاڪستان سوشل ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته بيلٽ پيپرز ماضي وانگر اردو الفابيٽ جي ترتيب سان پ??نٽ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪم??شن مان جاري بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ هڪ وڊيو گمراهه ڪندڙ آهي. واضح رهي ته هميشه اميدوارن جي انگ جي ??سا?? سان بيلٽ پيپر سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل ڪالم ۽ اردو الفابيٽ جي ترتيب ۾ پ??نٽ ڪيو ويندو آهي ۽ هن ڀيري به انهي ترتيب سان پ??نٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بيلٽ پيپر جي فولڊنگ ۽ اليڪشن جي ٻين مرحلن بابت معلوماتي وڊيوز اليڪشن ڪم??شن جي ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk ۽ يوٽيوب چئنل تي موجود آهن. ووٽرز کي سوشل ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خب??ن تي اعتبار ??رڻ بدران معلومات لاءِ صرف اليڪشن ڪم??شن مان جاري ڪيل آگاهي وڊيوز مان فائدو کڻڻ گهرجي يا ڪنهن شڪايت جي صورت ۾ اليڪشن ڪم??شن جي قائم ڪيل ڪم??لينٽ سيل تي 0151111327000 تي رابطو ڪن.