اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. ??در ڊاڪٽرن ۽ فزيشنز تي زور ڏنو ته اهي ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ تيز ترين تبديلين مان فائدو کڻن، تازي دور ۾ ميڊيڪل سائنس وڏي تبديلين مان گذري رهي آهي ۽ وقت سان گڏ ٽيڪنالاجي جي ترقي سان ميڊيڪل سائنس ۾ تحقيق ڪرڻ گهٽ خرچ ۽ آسان ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي بيمارين جي صحيح تشخيص جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. ??در ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي ته انساني خلين ۽ جينز جي تجزيي سان بيماريون لڳڻ کان اڳ ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي آهي، تنهن ڪري شاگردن کي معلومات ياد رکڻ بدران ان جو تج??يو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ??در ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز جي تعليم جي شعبي جي قائم ڪيل معيار کي مثالي قرار ڏنو ۽ چيو ته هن پاڪستان ۾ ڊي??ٽس??ري جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پ?? نمايان قدم کنيا آهن.