اسلام آ??اد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل نه ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي بلاول ڀٽو زرداري، نامزد صدر آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته تاريخي غلطي جو ازالو ممڪن نه آهي پر سنگين غلطي جي اعتراف سان هڪ نئين تاريخ، هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زيادتي کي عدالت جو صح??ح ڪرڻ مثبت اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ قومي سطح تي تاريخ کي صح??ح ڏس ۾ سمجهڻ ۾ مددگار ٿيندي. ماضي جي غلطين جي درس??گي ۽ تلخين جي خاتمي سان ئي قومي اتحاد ۽ ترقي جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو.