اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن متفقا طور سني اتحاد ڪونسل جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪز??ي جي صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان چيئرمين سڪندر سلطان راجا ۽ چئني ميم??رن طرفان متفقا طور تي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته قومي اسمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 8 فيبروري تي ٿي ??ڪيون آهن ۽ اهو آئي?? جي آرٽيڪل 41 جي شق 5 تحت جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙيون ويون هجن ته عام چونڊ?? جي 30 ڏينه?? اندر صدر جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ا?? جي چونڊ ڪرڻ لازمي آهي. اليڪشن ڪميشن پهرين مارچ تي صدر جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو جنهن تحت 9 مارچ تي اليڪشن ٿي رهيو آهي. ا?? جي جانچ پڙتال سميت سمورو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي طرفان چونڊ ڪالج مڪمل نه هجڻ جي موقف سان چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني و??ي جڏهن ته هن طرفان چونڊ ڪالج جي حوالي سان ريٽرننگ آفيسر وٽ ڪو اعتراض نه اٿاريو ويو، هن وقت قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبليون فعال آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏن وزير?? جي چونڊ پڻ ٿي ??ڪي آهي. ان ڪري اليڪشن ڪميشن متفقا طور تي محمود خان اچڪزئي طرفان صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.