اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ملڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيد ??وا??فقار علي ڀٽو جي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. شهيد ??وا??فقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 4 اپريل 1979ع تي وزيراعظم ??وا??فقار علي ڀٽو کي هڪ غيرشفاف عدالتي ڪارروائي جي ذريعي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي هئي. 44 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان تاريخي غلطي جو ازالو ڪيو پر ذ??الفقار علي ڀٽو جي گهرڀاتين ۽ ڪارڪنن جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان جو ازالو رڳو ڳوڙها ۽ نه ختم ٿيندڙ افسوس آهي. هن چيو ته اسان شهيد ??وا??فقار علي ڀٽو جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي مغفرت ۽ سمورن لاڳاپيلن جي لاءِ صبر جي دعا ڪريون ٿا.