ڪراچي – 12 – اپريل (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ٽيليفو??ڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي ع??دالفطر جي مبارڪباد ڏني، صدر ??صف علي زرداري دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي تي ايراني قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيا?? موجب صدر غزه ۾ انساني بحران ۽ اسرائيلي فوج پاران نسل ڪشيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ??ند?? جو مطالبو ڪيو. صدر ??صف علي زرداري چيو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ايران سان گڏ ڪم جاري رکندو. صدر ٻنهي ملڪن کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ??صف علي زرداري ايراني صدر کي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن ايراني صدر ۽ سندس گهرڀاتين جي صحت، تندرستي ۽ خوشين جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.