اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀلائي ۽ صحت جي مسلئن جي ??اتمي لاءِ هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ??وشن مستقبل جي لاءِ ٻارن جي ??هترين واڌويجهه ضروري آهي، حڪومت ٻارن جي ??هترين واڌويجهه جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، صوبائي حڪومتن کي پروگرام جي ??والي سان مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، موذي مرضن جي ??اتمي ۽ انهن جي ڦهلاءُ کي روڪن جي لاءِ جامع پلان جوڙڻ ۽ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ جي لاءِ پڻ هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ عالمي ماهرن جو ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جي ??اتمي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ عالمي ادارن جي نمائندن ۽ ماهرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي عال??ي بئنڪ پاران پاڪستان ۾ ٻارن جي واڌويجهه جي ??والي سان انگن اکرن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي هڪ وڏي انگ کي واڌويجهه جي گهٽتائي جو خطرو آهي. سببن تي روشني وجهندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بنيادي صحت جي ناڪافي سهولتن، ضروري غذائي جزن جي کوٽ، آلوده پاڻي جو استعمال، ناڪافي صفائي سٿرائي ۽ واڌويجهه جي ??والي سان آگاهي نه هجڻ ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جا وڏا سبب آهن. اجلاس کي انهن سببن جي ??اتمي لاءِ تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي ٽي بي، هيپاٽائيٽس، ذيابيطس ۽ ٻين موذي بيمارين جي ??والي سان پڻ پاڪستان جا انگ اکر پيش ڪيا ويا ۽ انهن کي روڪڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قومي سطح تي ان حوالي سان هڪ جامع منصوبو ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي ??ينهسن ، يونيسيف ۾ پاڪستان جي نمائندي عبدالله فاضل، عالمي غذائي پروگرام جي پاڪستان ۾ نمائندي ڪوڪو اوشييامه ۽ ٻ??ن عالمي شهرت رکندڙ ماهرن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽا، ڊاڪٽر ساجد صوفي، ڊاڪٽر اعجاز نبي ۽ لاڳاپيل شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن ??ڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.