اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جا??ي سمورن ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معي??ت جي بحالي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ?? حصيداري لازمي آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي متحد ٿي مسئلن جا حل ڳولڻا پوندا، ملڪ جو معاشي اسدتحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي پڌرائي موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وز??رن احسن اقبال، احد خان چيما، سردار اويس خان لغاري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وز??راعظم سنڌ حڪومت کي درپيش سمورن ترقياتي مسئلن ۽ انهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي فوري هدايت ڪئي. وز??راعظم سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جا??ي سمورن ترقياتي منصوبن تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معي??ت جي بنحالي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ?? حصيداري لازمي آهي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي متحد ٿي مسئلن جا حل ڳولڻا پوندا، ملڪ جو معاسي استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي. وز??راعظم لاڳاپيل وز??رن کي سنڌ حڪومت جي مالي ۽ اقتصادي ۽ ٻين مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم ايندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ جي تياري ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جي مشاورت کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.