اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته ڪرپش??، نااهلي ۽ نالائقي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) کي ختم ڪرڻ جو منهنجو فيصلو ان خرابي کي ختم ڪرڻ طرف هڪ قدم آهي جيڪو اسان جي نظام کي اندران ڪينسر وانگر کائي ر??يو آهي. هن چيو ته هڪ ??يماندار، ديانتدار ۽ اهل بيوروڪريسي بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيان جيڪا اعليٰ معيار جي عوامي خدمت فراهم ڪندي ۽ حڪمراني جي معيار کي بلند ڪندي.