بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين صنعت، توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، صحت، ٽيليويزن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 23 مفاهمتي ??ادداشتن ۽ مع??هدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن جي تقريب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي وچ ۾ عظيم عوامي هال ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ منعقد ٿي. ان موقعي تي ??زيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پڻ موجود هئا. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ جن مفاهمت جي يادداشتن ۽ مع??هدن تي صحيحون ڪيون ويون انهن ۾ فلم ”ڪو – پروڊڪشن“ جو مع??هدو، خبرن ۽ اطلاعات جي مٽاسٽا ۽ تعاون جو مع??هدو، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي وچ ۾ مفاهمتي ??ادداشتن، سي پيڪ ۾ ٿرڊ پارٽي جي حصيداري جي حوالي سان ضابطي ڪار، ڊيره اسماعيل خان – زوب قومي رستو 50 جي فزيبلٽي اسٽڊي جي حوالي سان مفاهمتي ??ادداشتن، مظفر آباد- ميرپور – منگلا ايڪسپريس وي جي فزيبلٽي اسٽڊي جي حوالي سان مفاهمتي ??ادداشت، مانسهره – چلاس قومي رستو – 15 تي بابوسر واري جڳهه تي ??نل جي تعمير جي حوالي سان مفاهمتي ??ادداشتن، ڪراچي – حيدرآباد موٽروي – 9 جي حوالي سان فزيبلٽي اسٽڊي، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ جي مفاهمتي ??ادداشت، 2022ع جي صنعتي تعاون جي فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان ايڪشن پلان، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ سرويئنگ، ميپنگ ۽ جيو انفارميشن جي حوالي سان پروٽوڪول، زراعت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي ??فاهمتي ??ادداشت، توانائي جي موثر م??نيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان اسٽڊي، هڪ هٺيءَ جي خاتمي ۾ تعاون جي حوالي سان مفاهمتي ??ادداشت، گورننس جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان ورڪشاپ جو ليٽر آف انٽينٽ، انڊسٽريل پارڪ جي تعمير جي حوالي سان ورڪشاپ جو ليٽر آف انٽينٽ، ستين جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي سي پيڪ تحت صنعتي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي اتفاق جي توثيق، پاڪ چين دوستي اسپتال، گوادر جي حوالگي جو سرٽيفڪيٽ، گوادر ۾ سامونڊي پاڻي کي مٺو ڪرڻ جي پلانٽ جي حوالگي جو سرٽيفڪيٽ، سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جي ٻيهر تعمير جو ليٽر آف ايڪسچينج، ليڊي هيلٿ ورڪرز ورڪ اسٽيشن جي منصوبي جو ليٽر آف ايڪسچينج ۽ جوناڪو ڪلٽيويشن ڊيمانسٽريشن اينڊ پروجيڪشن جي منصوبي جو ليٽر آف ايڪسچي??ج شامل آهن. مع??هدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي ??اڪستان پاران منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ صحيحون ڪيون.