عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار غزه جي لاءِ فوري انساني امداد جي حوالي سان اعليٰ سطحي ڪانفرن?? ۾ شرڪت جي لاءِ ??ردن جي گادي واري شهر عمان پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هوائي اڏي تي اردن جي وزارت عظميٰ جي معاملن بابت وزير ابراهي ال??از??، عمان جي گورنر ياسر العدوان ۽ عمان جي ميئر الشواربه نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو استقبال ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني اردن، مصر ۽ گڏيل قومن گڏيل طور تي ڪئي آهي. ڪانفرنس ??ور??ن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار غزه ۾ اسرائيل جي سنگين ڏوهن جي پس منظر ۾ فلسطين جي عوام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندو.