دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان پارلياماني فرينڊشپ گروپ ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي مجلس اوليٰ (تاجڪ پارليامينٽ) جي مجلس جي نمائنده (ايوان) جي چيئرمين محمد طاهر ذاڪر زاده سان ملاقات ۾ ڪيو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي تعاون جي حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ اڳ کان قائم پارلياماني فرينڊشپ گروپس ۽ باقاعده پارلياماني مٽاسٽا کي ??ضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي ملڪن جي عوام کي ??يجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي پارليامينٽ جي ميمبرن جي مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم جمهوريه تاجڪستان جي آئين جي 30 هين سالگرهه تي چيئرمين کي ??بارڪباد پ?? ڏني. ياد رهي ته وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي تاجڪستان جي ٻن ڏين??ن جي سرڪاري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ آهي.