اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ”اوڀر يروشلم سميت والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جي پاليسين ۽ طرز عمل سان پيدا ٿيندڙ قانوني نتيجن“ تي انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو واضح طور تي ثابت ڪري ٿو ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جون غيرقانوني پاليسيون ۽ طرز عمل فلسطيني عوام جي خود??خت??اري جي حق جو احترام ڪرڻ جي ذميواري جي خلاف ورزي آهن ۽ اهو ته اسرائيل جي اه?? ذميواري آهي ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي کي ختم، غيرقانوني آبادڪاري جون سرگرميون بند ۽ ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪري. پاڪستان جولاءِ 2023ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت ۾ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي ۽ بعد ۾ عدالت ۾ جواب به ڏنو هو. پاڪستان فيبروري 2024ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت پاران ڪيس تي ٿيندڙ زباني عوامي ٻڌڻي ۾ پڻ حصو ورتو هو. پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطينين ??ي خود??خت??اري جي حق جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيل جي غيرقانوني حيثيت کي اجاگر ڪيو. بيان موجب پاڪستان عدالت جي مشاورتي راءِ تي فوري ۽ مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو. اسان اميد ڪريون ٿا ته عدالت جي اه?? رولنگ اسرائيلي قبضي جي خاتمي، فلسطينين ??ي نه کسجڻ جوڳي خود??خت??اري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ فلسطين ??ي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خود??خت??ار رياست قائم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم هوندو جيڪو 1967ع جي سرحدن موجب ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.