اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف غزه ۾ خ??ن يونس جي علائقي تي اسرائيلي فورسز جي پرتشدد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني ??وم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلسطين مسئلو حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته خ??ن يونس جي پناهگيرن کي اتان نڪرڻ جي هدايتن جي ڪجهه منٽن جي اندر اندر اهڙو جارحاڻو حملو انسانيت جي توهين آهي، معصوم فلسطيني ??ناهگيرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشيءَ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستاني ??وم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي.