اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن پاڪستان – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ فرينڪفرٽ، لنڊن ۽ برسلز ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز جي خلاف (افغان ش??رين پاران) تازا حملا ۽ پرتشدد مظاهرا پڻ بحث هيٺ آيا. هاءِ ڪمشنر افغان پناهگي??ن جي پاڪستان جي روايتي مهمان نو??زي خاص طور تي پاڪستان حڪومت پاران پي او آر ڪارڊز جي مدي ۾ توسيع جي ت??زي فيصلي کي ساراهيو. ٻنهي عهديدارن هاءِ ڪمشنر جي جولاءِ جي شروع ۾ پاڪستان جي دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ اڄ جي ٽيليفونڪ ڳالهه ۾ پاڪستان – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ افغان پناهگي??ن جي مسئلي جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري ر??ڻ تي اتفاق ڪيو.