اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ سا??س ملاقات ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لا??ِ ثقافتي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سعودي عرب ويجهو دوست آهي، پاڪستان سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد چيو ته سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي مضبوط حصيداري آهي. هن چيو ته ٻنهي ملن کي اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر صلاح بن محمد سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته شهزاده محمد بن سلمان جي شروع ڪيل سڌارن سان سعودي عرب ۾ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. صدر آصف علي زردار?? شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ دورانديش قيادت کي ساراهيندي چيو ته اميد آهي ته مسجد نبوي ﷺ جي امام جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لا??ِ دعا ڪئي.