اسلام آباد -27 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هئڻ سبب جمعي جي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪي?? ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي ئي م??الف ڌر طرفان اعتراض واري نق??ي تي ڳالهائڻ لاءِ وقت طلب ڪي?? ويو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ايجنڊا کي اڪلائڻ کان پوءِ اعتراض واري نقطي لاءِ وقت ڏن?? ويندو. جنهن کان پوءِ مخالف ڌر جي ميمبر اورنگزيب کچيءَ ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ ڪرڻ تي ڪورم پورو نه نڪتو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه اجلاس جمعي جي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.