اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ مسقط ۾ هلندڙ هفتي ٻطرفي س??اسي مشاورت جو اٺون اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ايڊيشنل پرڏيهي س??ڪ??يٽ??ي (وچ اوڀر) سفير شهريار اڪبر خان ۽ اومان جي پرڏيهي وزارت ۾ جي س?? سي ۽ ريجنل نيبرهوڊ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه سفير شيخ احمد بن حشيل بن راشد المسڪري پنهنجي پنهنجي ملڪن جي وفدن جي قيادت ڪئي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي س??ورنر خن بشمول سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، سلامتي ۽ دفاع، ثقافت، صحت ۽ قونصلر معاملن ??و جامع جائزو ورتو. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي پاڪ اوم??ن تعاون تي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته ڌرين غزه تي اسرائيل جي جنگ ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪرڻ جي مطالبي جو پڻ ورجاءُ ڪيو.